ڪيترائي ماڻهو گوگل ڪروم ويب برائوزر تي انڪوگنيٽو موڊ کي اهو سمجهي استعمال ڪندا آهن ته انهن جي برائوزنگ سرگرمين يا ڊيٽا تائين کي به پهچ نٿي ٿي سگھي.
پر اهو درست ناهي، ڇو جو انڪوگنيٽو موڊ استعمال ڪرڻ تي برائوزر اوهان جي هسٽري، بڪ مارڪس امپورٽ يا ڪنهن به آن لائن اڪائونٽ جا لاگ ان تفصيل رڪارڊ (ڪوڪيز) ناهي ڪندو، پر ان سان اوهان جي سڃاڻپ ناهي لڪندي يعني اوهان جو ڊيٽا اوپن ڪيل ويب سائيٽ ۾ محفوظ ٿي ويندو آهي.
ويب سائيٽس کي ڇڏي ڏيو اوهان جي آفيس نيٽورڪ کي به ويب سرگرمين کي انڪوگنيٽو موڊ ۾ لڪائي نٿو سگھجي.
يعني انڪوگنيتو موڊ ايترو وڏو به پرائيويٽ يا محفوظ ناهي جيترو نالي مان لڳندو آهي ۽ ڪمپني به پرائيويٽ يا محفوظ ناهي جيترو نالي مان لڳندي آهي ۽ ڪمپني کي به ان ڳالهه جي خبر آهي.
2018ع ۾ شڪاگو يونيورسٽي جي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گھڻن ماڻهن کي لڳندو آهي ته پرائيويٽ برائوزنگ سان سندن ڊيٽا تائين پهچي ممڪن ناهي.
تحقيق موجب برائوزر طرفان تنبيهه به ڪئي ويندي آهي ته ان جو ڊيٽا پرائيويٽ برائوزنگ موڊ ۾ لڪايو ناهي ويندو.
پر پوءِ به ماڻهن جي خيال ۾ انهن جو ڊيٽا محفوظ رهندو آهي.
محققن موجب گھڻا ماڻهو اهو ناهن ڄاڻيندا ته انڪوگنيٽو موڊ رڳو برائوزنگ هسٽري کي ڪمپيوٽر ۾ اسٽور ناهي ڪندو، پر جن سائٽس تي واهپيدار ويندو آهي، اهو ۽ ٿرڊ پارٽي ٽريڪرز واهپيدار تي نظر رکي آن لائين سرگرمين کي رڪارڊ ڪري سگھن ٿا.