ايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان ٿي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ ايشيا ڪپ لاءِ افغان اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو، حشمت الله شهيدي ٽيم جي قيادت ڪندو.
افغان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اعلانيل اسڪواڊ ۾ رحمان الله گرباز، ابراهيم زدران، رحمت شاهه، نجيب الله زدران، محمد نبي، راشد خان، گلبدين نائب، ڪريم جنت، عبدالرحمان، مجيب الرحمان، نور احمد ۽ فضل حق فاروقي شامل آهن.
ايشيا ۾ افغانستان جي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ 3 سيپٽمبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي.
واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ افغان ٽيم سڀاڻي پاڪستان پهچندي، افغان ٽيم 29 آگسٽ کان قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس شروع ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.