ميهڙ مان ٻه مهينا اڳ گم ٿي ويل نينگري نينگري جو پتو نه پئجي سگھيو، نينگري جي وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪندي سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو آهي.
بينظير ٽائون جي رھواسڻ عورتن مسمات طاھرا، مسمات لال خاتون، ۽ ٻين پريس ڪلب ميھڙ پھچي احتجاج ڪندي دانھيو آھي ته اسان جي 10 ورهين جي نينگري فاطما تيوڻو ٻه مهينا اڳ دڪان تان کير وٺڻ لاءِ وئي پر هن وقت تائين گھر ناهي موٽي، ڳولا باوجود سندس ڪو به پتو ناهي پئجي سگھيو شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي.
نينگري جي ماءُ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڌيءَ کي موٽرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.
Next Post
You might also like