موبائل فونز جي درآمد ۾ رڪارڊ اضافو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ موبائل فونز جي درآمد ۾ جولاءِ دوران ماهوار ۽ ساليانو بنيادن تي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

شماريات کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2023ع ۾ موبائل فونز جي درآمد تي 68 ملين ڊالرز ناڻو خرچ ٿيو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

گذريل سال جولاءِ ۾ موبائل فونز جي درآمد جو ڪاٿو 39 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ موبائل فونز جي درآمد ۾ ماهوار بنيادن تي 27 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.

اهڙيءَ طرح جون ۾ موبائل فونز جي درآمد جو ڪاٿو 54 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ ۾ وڌيڪ 68 ملين ڊالرز ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.