ڪنڌڪوٽ: پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو آرڊرز نه ملڻ خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد اميدوارن آرڊز تي پابندي خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.
اميدوارن ڪليم الله ڀيو، قمر زمان شاھ، نور علي ڀيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو.
احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميرٽ تي پاس ٿيڻ باوجود اسان کي آرڊر ناهن ڏنا ويا تعليم کاتي ۾ هلندڙ ڀرتين تان پابندي هٽائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.
هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي آرڊرز جاري ڪري روزگار سان لڳايو وڃي ٻي صورت ۾ وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.