گھوٽڪي ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

گھوٽڪي ۾ سنڌ مهر فائونڊيشن، سول سوسائٽي ۽ وڪيل برادري پاران سکر جي صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي اڳواڻن
مسرت علي، ثناءالله، عرض محمد مهر ۽ ٻين جو چوڻ هو ته صحافي شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي پوليس 14 ڏينهن گذرڻ باوجود گرفتار ناهي ڪري سگهي ڪيس جا مک جوابدار اڃان تائين آزاد آهن.
احتجاج ڪندڙن وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ته شهيد جان محمد مهر کي قتل ڪندڙ مک جوابدار گرفتار ڪري شهيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.