يوٽيوب تي سرچ وڌيڪ سولو، بهترين فيچر متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون ۾ ڳائي گيت ڳولڻ ڪا نئين شيءِ ناهي، گوگل اسسٽنٽ ۽ سائونڊ باونڊ اهو فيچر گھڻو عرصو اڳ پيش ڪري ڇڏيو هو.

گوگل اعلان ڪيو آهي ته ڪمپني يوٽيوب لاءِ تي آزمائش لاءِ ڳائي گيت ڳولڻ جو فيچر متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن ۾ سڃاڻپ لاءِ هلندڙ گيت کي رڪارڊ ڪرڻ جي صلاحيت به هوندي.

گوگل موجب واهپيدارن کي سرچ ڪرڻ لاءِ يوٽيوب وائس سرچ ۾ سونگ فيچر ۾ وڃڻ جي ضرورت پوندي. جنهن کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٽن سيڪنڊن تائين گيت ڳائڻو پوندو ۽ يوٽيوب تي موجود لاڳاپيل ڪنٽينٽ سامهون اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.