صحت واري وزير جي گهرواري جي ڪمپني کي ڌچڪو، دوا غير معياري نڪتي، اختيارين جو ايڪشن

لاهور (ويب ڊيسڪ) چيف ڊرگ ڪنٽرولر پنجاب جي صحت واري نگران وزير ڊاڪٽر جاويد اڪرم جي گهرواري جي فارموسوٽيڪل ڪمپني طرفان تيار ٿيندڙ هڪ دوا جو استعمال فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اها دوا ميڊيڪل اسٽورن تان واپس گهرائي وئي آهي.
چيف ڊرگ ڪنٽرولر پنجاب چيو آهي ته دوا جو استعمال مريضن لاءِ موتمار ٿي سگهي ٿو، ريسوٽن دوا جو اسٽاڪ واپس گهرايو ويو آهي.
ڊاڪٽر جاويد اڪرم جي گهرواري جي ڪمپني جي دوا جو استعمال فوري طور روڪڻ جو حڪم ڏيندي چيف ڊرگ ڪنٽرولر چيو ته نجي ڪمپني جي دوا ۾ ملاوٽ آهي ۽ اها غير معياري نڪتي آهي.
سندس چوڻ هو ته فارميسيز، ميڊيڪل اسٽور اسٽاڪ جو وڪرو روڪي ڇڏين ۽ ٽيبليٽ روسوٽن فوري طور تي واپس گهرائي وڃي.
هوڏانهن پنجاب جي صحت واري نگران وزير چيو ته ڪمپني منهنجي فيملي جي آهي، دوا ۾ پيراسٽامول جي ڪجهه ٽريسز جي نشاندهي ٿي.
سندس موجب ٻاهرئين ملڪ به دوا جو اسٽاڪ واپس گهرايو ويندو آهي، دوا جو اسٽاڪ واپس گهرائڻ سٺو عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.