پاڪستان هاڪي فيڊريشن بحال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي ٻن ڏينهن کانپوءِ بحال ڪيو ويو آهي، 24 آگسٽ تي پي ايڇ ايف جي صدر خالد سجاد کوکر فيڊريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي پي ايڇ ايف جي سيڪريٽري سميت سمورن عهديدارن کي هٽائي ڇڏيو هو.

پي ايڇ ايف صدر برگيڊيئر رٽائرڊ خالد سجاد کوکر سيڪريٽري سميت تمام عهديدارن کي ڪم جاري رکڻ لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ٻئي پاسي پي ايڇ ايف جو ڪانگريس جو اجلاس به ملتوي ڪيو ويو آهي، اجلاس 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ شيڊيول هو.

صدر پي ايڇ ايف 23 هين آگسٽ تي جاري ڪيل ليٽر کي رد ڪري ڇڏيو، پي ايڇ ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ جي ميمبرن صلاح مشوري کانپوءِ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي سفارش ڪئي جنهن کي منظور ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.