فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا اسپينش فٽبال فيڊريشن جي صدر لوئس روبيليز کي معطل ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته تازو عالمي چيمپيئن بڻجندڙ اسپين جي فٽبال ٽيم جي عورت پليئرز ساٿي رانديگرياڻي جيني هرموسو کي چمي ڏيڻ تي فيڊريشن جي صدر جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.
گذريل آچر تي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي گڏيل ميزباني ۾ ٿيل فيفا وومين ورلڊ ڪپ فائنل ۾ سخت مقابلي کانپوءِ اسپين انگلينڊ کي 1-0 تان شڪست ڏئي پهريون ڀيرو عالمي چيمپيئن جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو.
ورلڊ ڪپ فائنل ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب دوران فيڊريشن جي صدر لوئس روبيليز سان جڏهن ٽيم جي رانديگرياڻي جيني هرموسو ملڻ آئي تي هن پهريان کيس ڀاڪر پاتو ۽ پوءِ چپن تي چمي ڏني جنهن تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.
هاڻي لوئس روبيليز کي اسپين جي وومين فٽبال ٽيم جي پليئر کي بنا اجازت چپن تي چمي ڏيڻ تي معطل ڪيو ويو آهي.
فيفا لوئس روبيليز کي نوي ڏينهن لاءِ معطل ڪيو آهي، پنهنجي معطلي دوران هو فٽبال جي ڪنهن به سرگرمي ۾ حصو نه وٺي سگهندو.
فيڊريشن جي صدر گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.
ان کان اڳ هاڻي فيڊريشن جي صدر لوئس روبيليز پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اِهو عمل اڻڄاڻائي۾ ٿيو هو جنهن ۾ گڏيل جوش ۽ اتفاق شامل هو.
جنهن تي فٽبالر جيني طرفان صدر جي ان بيان جي ترديد ڪئي وئي هئي، رانديگرياڻي پنهنجي بيان ۾ چيو هوته ته هن ڪنهن به قسم جي رضامندي ظاهر نه ڪئي هئي.
جيني هرموسو سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي لوئس روبيليز جي بيان تي ردعمل ڏيندي لکيو ته هوءَ واضح ڪرڻ چاهي ٿي ته راند دوران منهنجي ان حوالي سان ڪائي ڳالهه ٻولهه نه ٿي هئي.
جيني وڌيڪ چيوته صدر جي دعويٰ ڪوڙ تي ٻڌل آهي اهو صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي.
واقعي کانپوءِ 81 پليئرز تصديق ڪئي آهي ته هو اسپين جي عورتن جي ٽيم لاءِ تيستائين نه کيڏندا جيستائين صدر لوئس روبيليز کي سندس عهدي تان هٽايو نٿو وڃي.