ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي جناح اسپتال جي بلڊ بئنڪ ۾ رت نه ملڻ تي هڪ شخص هٿيار کڻي پهچي ويو.
نجي ملازم اسپتال ۾ موجود اين جي او جو ملازم آهي، جنهن رت نه ملڻ تي بلڊ بئنڪ ۾ موجود شخص تي پسٽل تاڻي ورتو، بلڊ بئنڪ جي سرڪاري ۽ نجي ملازمن پوليس ۽ رينجرز کي طلب ڪري ورتو.
انتظاميا موجب پوليس نجي ملازم کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ پسٽل به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.
واقعي کانپوءِ بلڊ بئنڪ ملازمن انتظاميا کان وڌيڪ سيڪيورٽي گهرندي چيو آهي ته جيڪڏهن سيڪيورٽي فراهم نه ڪئي وئي ته بلڊ بئنڪ بند ڪري ڇڏينداسين.
Prev Post
Next Post
You might also like