شاگردن سان زيادتي ڪندڙ عورت پرنسپال کي 15 سال قيد جي سزا

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ۾ عدالت ٽن شاگردن کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائڻ جي ڏوهه ۾ اڳوڻي اسڪول پرنسپال کي 15 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب ملزمه جي سڃاڻپ 56 ورهين جي ملڪا ليفر جي نالي سان ٿي جنهن جيوش اسڪول ۾ پرنسپال جا فرض انجام ڏنا.
اپريل ۾ ملزمه کي ريپ سوڌو 18 جنسي ڏوهن لاءِ ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو. مٿس الزام هو ته هن شاگردن سان زبردستي جنسي لاڳاپا قائم ڪيا جن جي عمر 16 ۽ 17 سال آهي. ملڪا ليفر سزا ختم ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.
ملزمه اسرائيلي شهريت رکندڙ آهي ۽ کيس 2021ع ۾ اسرائيل مان آسٽريليا جي حوالي ڪيو ويو هو جڏهن 2008ع ۾ اهي الزام سامهون آيا هئا.
عدالت ملڪا ليفر کي 11 سال 6 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي آهي جڏهن ته هوءَ 2069 ڏينهن اڳ ئي جيل ڪاٽي چڪي آهي.
ٽن شاگردن ملزمه تي الزام لڳايو آهي ته هن اسان کي اسڪول جي هڪ بند ڪمري ۾ جنسي زيادتي جو نشانو بڻايو جڏهن ته 2003ع ۽ 2007ع ۾ پنهنجي گھر گھرائي جنسي زيادتي تي مجبور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.