سوزوڪي آلٽو قسطن تي وٺڻ چاهيندڙن لاءِ خوشخبري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سوزوڪي آلٽو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ڪارن مان هڪ آهي، جنهن تي بجيٽ ڪار جي چوڻي درست اچي ٿي ته اها ڪار هڪ طرف سستي آهي ته ٻئي طرف ان جو مائليج به شاندار آهي.

نئين 660cc Alto آر-سيريز انجڻ سان گڏ ڪيترن ئي ڪارآمد خاصيتن سان گڏ اچي ٿي.

ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۽ ٻين سببن جي ڪري گاڏين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي آلٽو به واهپيدارن جي پهچ کان ٻاهر ٿي رهي آهي، پر هن ڪار کي پسند ڪندڙن لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ڪمپني پنهنجي گراهڪن کي آسان قسطن تي هي گاڏي فراهم ڪري ٿي.

سوزوڪي Alto VX جي قيمت 22 لک 51 هزار رپيا، Alto VXR جي قيمت 26 لک 12 هزار ۽ VXRAGS ستاويهه لک 99 هزار رپيا ۽ اي جي ايس 29 لک 35 هزار رپين ۾ دستياب آهي.

ڪمپني هن گاڏي کي ٽن قسمن ۾ قسطن تي پيش ڪري ٿي، جنهن ۾ ليزنگ، فنانسنگ ۽ اسلامي ڪيٽيگريز شامل آهن.

سوزوڪي پاڪستان جي ويب سائيٽ تي هڪ قسط جو حساب ڪتاب مهيا ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي توهان قسطن جي منصوبي جا تفصيل ڏسي سگهو ٿا.

جيڪڏهن توهان روايتي بئنڪنگ ڪيٽيگري ۾ بئنڪ الفلاح ذريعي قسطن تي Alto VXR حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي 30٪ قيمت اڳواٽ ادا ڪرڻي پوندي ۽ باقي رقم پنجن سالن جي قسطن ۾ ادا ڪرڻي پوندي.

بئنڪ الفلاح ذريعي Alto VXR خريد ڪرڻ لاءِ توهان کي 783,600 رپيا حفاظتي ڊپازٽ، 30,000 رپيا هولڊنگ ٽيڪس، 8,700 رپيا پروسيسنگ فيس، 65,300 رپيا پهرين سال جي انشورنس جي رقم، 49,931 رپيا ماهوار ادائگي ڪرڻي پوندي.

اھڙيءَ طرح اوهان آلٽو قسطن تي حاصل ڪري سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.