نسيم شاهه پنهنجو ھيلمٽ ۽ بئٽ گلوز اُڇلائي ٿو ۽ پاڪستان کي آخري اوور ۾ ھڪ دلچسپ مئچ کٽرائڻ کان پوءِ خوشيءَ ۽ ڪاوڙ جي جذبي سان ميدان ۾ ڊوڙڻ لڳي ٿو .
Inject this into my veins…🔪🔥#NaseemShah
Congratulations Pakistan !!#Afgvspak #Cheaters pic.twitter.com/ivtrVyrRnm— Wasii Shaikh (@WasiiShykh) August 25, 2023
اِھا ھڪ سال اڳ ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي مئچ جي ڪهاڻي نه پر ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سريلنڪا ۾ جاري سيريز جي ٻي مئچ جي ڪهاڻي آھي،جنهن ۾ پاڪستان افغانستان کي سخت مقابلي کانپوءِ ھڪ وڪيٽ تان ھارائي ڇڏيو.
ان مئچ ۾ سڀ ڪجهه ھيو، ھڪ بهترين سينچري، ففٽيون، ھڪٻئي پٺيان آئوٽ ٿيڻ جو سلسلو، رن آئوٽ ۽ آخري اوور جو ڊرامو.
Still not over last night’s incredible finish❓
Revisit the winning moments and reactions of the players after the second ODI 🤩#AFGvPAK | #BackTheBoysInGreen pic.twitter.com/ZORuk52Blj
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) August 25, 2023
گرين شرٽس جي ڪاميابي کانپوءِ جتي رانديگرن ڀرپور جشن ملهايو اتي ئي ميچ جي هيرو نسيم شاهه جي ساراهه ڪئي وئي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ قومي ٽيم جي رانديگرن، ڪوچز ۽ ٽيم مئنيجينٽ کي سخت مقابلي بعد فتح تي جشن ملهائيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ان موقعي تي افتخار احمد چيو ته اسان نسيم شاهه کي خاص افغانستان لاءِ ئي رکيو آهي، جڏهن ته محمد وسيم چيوته ناقابلِ يقين نسيم شاهه.
ان موقعي تي نسيم شاهه جذباتي نظر آيو، سندس چوڻ هوته منهنجي امڙ زنده هجي ها ته اڄوڪي ميچ ڏسي خوش ٿئي ها.
ان کانپوءِ قومي ٽيم جي رانديگرن طرفان شوقينن کي انٽرويو پڻ ڏنا ويا.