ڪچي ۾ پوليس آپريشن، 60 ڏوهارين خلاف ڪيس داخل

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور پوليس پاران دراني مهر واري علائقي ۾ روپوش ڏوهارين جي گرفتاري ۽ مغوين جي بازيابي لاءِ ٻن ڏينهن کان آپريشن ڪيو پيو وڃي.
آپريشن دوران 60 جوابدارن خلاف مهر دراني ٿاڻي تي ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
سرڪار پاران داخل ڪيل ٻن ڪيسن جا فريادي اي ايس آءِ عبدالرزاق بھلڪاڻي ۽ گلزار احمد گجراڻي آھن.
ڪيس ۾ علائقي جي ڏوھارين ڀيا گينگ، سبزوئي گينگ، جاگيراڻي گينگ کوسا ۽ سندراڻي برادري سان واسطو رکندڙ 60 جوابدارن کي شامل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.