ٽنڊو الهيار (ويب ڊيسڪ) جهنڊو مري ڳوٺ دلي جان مري ڻ هڪ ئي گهر جي ٻن ٻارڙن ۾ پوليو جو شڪ ظاهر ٿيو آهي.
پورهيت غلام نبي مري جي ٻن پٽن 4 سالن جي منظور مري ۽ 6 سالن جي هاشم مري ۾ پوليو ظاهر ٿيو آهي.
متاثر ٻارڙن جي پيءُ غلام نبي مري جو چوڻ آهي ته هنن وٽ پوليو جي ٽيم ناهي پهتي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪنهن به نه ٻڌي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
You might also like