پاڪستان دلچسپ مقابلي کانپوءِ افغانستان کي مات ڏئي سيريز کٽي ورتي

همبنٽوٽا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ هڪ وڪيٽ تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-2 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي.
همبنٽوٽا ۾ افغانستان طرفان مليل 301 رنسن جو هدف پاڪستان هڪ بال اڳ ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪيو.
پاڪستان طرفان امام الحق 91، بابر اعظم 53، شاداب خان 48، فخر زمان 30 رنسن جي اننگز کيڏي.
ان کان اڳ افغانستان رحمان الله گرباز جي 151 ۽ ابراهيم زادران جي 80 رنسن جي مدد سان مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 300 رنسون ٺاهيون هيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.