سڄي سنڌ ۾ نَين اڏاوتن تي پابندي!

نگران صوبائي وزير مبين جماڻي جي هدايتن تي مڪاني کاتي ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ اڏاوتي شعبي ۾ مڪمل طور پابندي مڙهي ڇڏي آهي. مڪاني کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمرشل، رهائشي عمارتون، پلاٽَ، هائوسنگ اسڪيمن جون اين او سيز، لي آئوٽ پلان، سب ڊويزن ۽ بلڊنگ جي لي آئوٽ تي اڻڄاتل مدي تائين مڪمل پابندي هوندي. مڪاني کاتي جي نگران وزير جي هدايتن تي مڪاني کاتي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي، ايل ڊي اي ۽ سنڌ ماسٽر پلان اٿارٽي کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته مڪاني کاتي جي اختيارين پاران تعميراتي شعبي ۾ مڪمل طور پابندي مڙهي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بغير منظوري جي ڪو به اڏاوتي ڪم يا اين او سي جاري نه ٿيندو ۽ غير قانوني اڏاوتون، هائوسنگ اسڪيمون ۽ واڌو فلورن جي اڏاوت ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو. مڪاني کاتي جي اختيارين ايس بي سي اي، ايم ڊي اي، ڪي ڊي اي سميت لاڳاپيل سمورن کاتن کي اهڙي حڪم تي سختي سان عمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. مڪاني کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن جي ڪاپي نگران وڏي وزير ۽ چيف سيڪريٽري کي به موڪلي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.