ڪراچي (ويب ڊيسڪ) يو ايس بي يا يونيورسل سيريل بس جي ضرورت هر ان شخص کي پوندي آهي جيڪو ڪمپيوٽر استعمال ڪري ٿو، ٻين ذريعن جي ڀيٽ ۾ يو ايس بي جي ذريعي ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ وڌيڪ سولو ۽ تيز رفتار آهي.
پر اهو هر واهپيدار لاءِ ڳڻتي جوڳو هوندو ته سولائي سان ملي ويندڙ ۽ وقت بچائيندڙ يو ايس بي اوهان جي ڪمپيوٽر لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.
ان حوالي سان لاس ويگاس ۾ ٿيل هڪ ڪانفرنس دوران جرمن محققن يو ايس بي چپ ۾ وائرس ۽ مل ويئر جي نشاندهي ڪري سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو هو.
ڪانفرس دوران ئي تجربا ڪيا ۽ جڏهن هڪ يو ايس بي کي ڪمپيوٽر ۾ لڳايو ويو ته ڪمپيوٽر ان کي بورڊ طور سڃاتو.
وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها هئي ته يو ايس بي ۾ موجود وائرس اوهان جي ڪمپيوٽر جي هر بٽڻ جو حساب رکي رهيو هو، ان سان هو ڳجهي ڄاڻ ۽ پاسورڊ سميت هر شئي رڪارڊ ڪري رهيو هو.
ان کان به خطري جي ڳالهه اها هئي ته دنيا جو به اينٽي وائرس اهڙي يو ايس بي کي سڃاڻي نٿو سگهي کڻي واهپيدار ڪيڏو ئي هوشيار ڇو نه هجي.
خيال رهي ته هن وقت تائين يو ايس بي ذريعي هيڪنگ يا وائرس جو ٽوڙ ناهي ڪڍيو ويو پر جيستائين ان جو توڙ ڪڍيو وڃي تيستائين استعمال ڪرڻ کان بچجي ۽ اينٽي وائرس لڳائڻ نه وسارجي.