اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايوان صدر اليڪشن ڪميشن جي جوابي خط تي قانون ۽ انصاف واري وزارت کان راءِ طلب ڪري ورتي.
ايوان صدر موجب صدر جي ڪالهوڪي خط جي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن جي موقف تي قانون واري وزارت کان راءِ گهري آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته صدر طرفان قانون واري وزارت جي سيڪريٽري نالي اليڪشن ڪميشن جي جوابي خط تي قانوني راءِ بابت خط لکيو ويو آهي.
بيان موجب اليڪشن ڪميشن جو موقف آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.
Prev Post
You might also like