دبئي: ٻارن جي هوٽلن ۾ رهائش مفت، خريداري تي 35 سيڪڙو رعايت

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ سمر سرپرائز ۾ داخلي سياحت جي حوصلا افزائي، دبئي جي شهرين ۽ سياحن کي وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ نيون آڇون ڪيون ويون آهن.
نئين آڇ ۾ ٻار مفت هوٽلز ۾ رهي سگھندا ۽ سامان جي خريداري تي 35 سيڪڙو رعايت هوندي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب دبئي فيسٽيول جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر احمد الخاجه چيو آهي ته ان قدم سان فيملي ۽ ٻارن جي حوالي سان مناسب بجيٽ ۾ گرمين جي موسم گذاري سگھبي.
هن چيو ته اها رعايت رڳو امارت جي رهندڙن لاءِ آهي ۽ اها 3 سيپٽمبر تائين هوندي.
80 کان وڌيڪ هوٽل ٻارن کي مفت رهائش جي آڇ ڪري رهيا آهن جڏهن ته امارات جي رهواسين لاءِ سامان جي خريداري تي 35 سيڪڙو رعايت ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.