ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ سان نئين آءِ جي سنڌ رفعت مختار چميبر ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات کان پوءِ آءِ جي سنڌ ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيو ته اهڙيون ملاقاتون ٿينديون رهنديون، امن امان برقرار رکڻ منهنجي پهرين ترجيج آهي، اسان عوام کي رليف ڏيڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائم هڪ چيلنچ آهي، ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو، راڻيپور واقعي جي سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
You might also like