مريض صحتياب ٿيڻ کانپوءِ ايمبولينس ڪاهي فرار!

بحرين جي نجي اسپتال ۾ صتحياب ٿيڻ کانپوءِ 23 سلا مريض ايمبولينس چورائي فرار ٿي ويو پر اِها حرڪت کيس ڳچي پئجي وئي.

سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مريض صحتياب ٿيڻ کانپوءِ اسپتال جي ايمبولينس ڪاهي فرار ٿي ويو.

وڊيو وائرل ٿيڻ بعد مختلف واهپيدار ان تي تبصرا ڪري رهيا آهن، ڪجهه صارفين چور جي ان حرڪت کي پبليسيٽي اسٽنٽ قرار ڏنو.

ايمبولينس چوري واري واقعي جي ٻئي ڏينهن پوليس چور گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، ان حوالي سان ضروري قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ايمبولينس چوري کي پبلڪ پراسيڪيوشن جي حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.