سنڌ ۾ دوائن جي کوٽ ۽ غير معياري دوائن جي وڪري تي نگران وڏي وزير جي ڪاوڙ، ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر صوبي جي سڀني اسپتالن ۽ مارڪيٽن ۾ غير معياري دوائن جي وڪري تي ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس (ر) مقبول باقر صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سعد خالد نياز سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن دوران هن صوبي ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
نگران وڏي وزير صوبي جي سڀني اسپتالن ۽ مارڪيٽن ۾ غير معياري دوائن جي وڪري تي ڪارروائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
صحت واري وزير سان ٽيليفونڪ رابطي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هن چيو ته سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ معياري دوائن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، لاڳاپيل آفيسر ميڊيسن مارڪيٽن ۾ انسپيڪشن يقيني بڻائين، ڊينگي ۽ مليريا جي روڪٿام لاءِ وڌيڪ قدم کنيا وڃن ۽ سمورا مڪاني ادارا لاڳاپيل علائقن ۾ مڇر مار ڦوهارو لازمي ڪرائين.
نگران وڏي وزير حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ تي رپورٽ طلب ڪندي چيو ته اسپتالن ۽ مارڪيٽن ۾ دوائن جي کوٽ جو سبب ذخيري اندوزي آهي يا ٻيو ڪجهه، صحت کاتو جعلي دوائن جي وڪري ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري، انساني زندگين سان کيڏندڙن کي بخش نه ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.