پاڪستان ۽ ڀارت جو پنهنجا ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تبديل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ڀارت نئين دهلي ۽ اسلام آباد ۾ پنهنجا ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي وزارت جي ذريعن موجب ڀارت لاءِ نئين دهلي ۾ سعد وڙائچ پاڪستان جو نئون ڊپٽي هاءِ ڪمشنر هوندو، هو عزيز احمد خان جي جاءِ تي ڪم ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سريش ڪمار جي جاءِ تي گيتا سريواستو اسلام آباد ايندي.
ذريعن موجب ٻنهي ملڪن لاڳاپيل سفارتڪارن کي ويزائون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.