پي ٽي آءِ چيئرمين کي معاف ڪيو، بشريٰ بي بي جو نواز شريف کي پيغام، دوست ملڪ خاموش

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان جو ڪو به دوست ملڪ عمران خان کي بچائڻ لاءِ اڳيان نه آيو، نه ئي اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي رعايت ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

نامياري صحافي حامد  مير انڪشاف ڪيو آهي ته بشريٰ   بي بي ٻي واهه نه ڏسي نواز شريف کي پيغام اماڻيو آهي ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ معاف ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي اوهان عمران خان کي معاف ڪيو، هو نه ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺندو نه پي ٽي آءِ سياست ۾ حصو وٺندي.

نامياري صحافي جو  چوڻ آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو  کي بچائڻ  ۽ پناهه ڏيڻ لاءِ ترڪي اهم ڪردار ادا ڪيو هو پر ڀٽو  پرڏيهه وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. نواز شريف کي بچائڻ لاءِ سعودي عرب اڳيان آيو  ۽ نواز شريف کي سعودي عرب نيو ويو پر عمران خان لاءِ ڪنهن به دوست ملڪ پاڪستان حڪومت سان رابطو نه ڪيو آهي.

ان جو ڪارڻ اهو آهي ته عمران خان  پنهنجي دور ۾ دوست ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ بدران خراب ڪيا، سي پيڪ تي ڪم بند ڪري چين کي ناراض ڪيو، سعودي شاهي خاندان بابت غلط ڳالهيون ڪيون، انهن جا قيمتي تحفا ڀڳڙن مٺ تي بازارن ۾ وڪرو ڪيا.

نتيجي طور دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ان ڪري ڪنهن به ملڪ عمران خان سان نه همدردي ڪئي آهي نه ئي کيس رعايت ڏيارڻ لاءِ حڪومت  سان رابطو ڪيو آهي.

اسٽيبلشمينٽ به ساڻس رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. اها پي ٽي آءِ پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ته عمران خان کي پرڏيهه وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي. ان ۾ ڪابه صداقت نه آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز 24 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.