اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جا هم خيال جج هڪ ڀيرو ٻيهر عمران خان کي بچائڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويا آهن.
چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي اڄ 2 وڳي تائين عمران خان جي درخواستن تي فيصلو ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي، ٻي صورت ۾ بئنچ پاڻ فيصلو ڪندي.
نامياري صحافي مطيع الله جان جو چوڻ آهي ته ايئن محسوس ٿيو ته ڄاڻ چيف جسٽس ڪرسيءَ تان اٿي اٽڪل جيل روانو ٿيندو ۽ عمران خان کي هٿ مان وٺي جيل کان ٻاهر وٺي ايندو.
صحافي عبدالقيوم صديقي جوچوڻ آهي ته ڇا ڪنهن عام شهري جي ڪيس ۾ به چيف جسٽس اهڙي ڦڙتي ۽ جلدي ڏيکاري ها. چيف جسٽس ته اصل ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تي عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي ڇڏيو آهي.
نامياري صحافي حسن ايوب جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس ته اڄ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏيندو پر افسوس ته عمران خان جيل مان ٻاهر نه ايندو. هم خيال جج پنهنجي ۽ اڳوڻن چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ آصف سعيد کوسو لاءِ به پريشانيون پيدا ڪري رهيا آهن، جج همايون دلاور کي برطانيا وڃڻو هو ان لاءِ جلدي ۾ فيصلو ٻڌائي ويو، چيف جسٽس کي رٽائر ٿيڻو آهي ان لاءِ کيس جلدي آهي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز 24 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي