سنڌوءَ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي

اسلام آباد(م ڊ) نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي گذريل ڏينهن نيڪٽا هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو. نيشنل ڪو آرڊينيٽر نيڪٽا، آءِ  جي محمد طاهر راءِ، گهرو وزير کي بريفنگ ڏني. دوري دوران پاڪستان جي سيڪيورٽي صورتحال، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ نيڪٽا جي نئين سر تنظيم سازي جو جائزو ورتو ويو. وفاقي گهرو سيڪريٽري عبدالله خان به ان موقعي تي موجود هو. گهرو وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي لاءِ پاڪستان ۾ ڪا به گنجائش ناهي، هن چيو ته قومي بيانئي جون ڪاپيون سمورن تعليمي ادارن ۾ فراهم ڪيون وينديون ته جيئن شاگردن کي ان بابت آگاهي ملي. دهشتگرد پارٽين جي بيانئي کي رد ڪيون ٿا. ميڊيا ۾ انهن کي ڪا به جاءِ نه ڏني ويندي. هن چيو ته سنڌو درياهه جي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن جي پناهه گاهن جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ صوبائي پوليس جي مدد ورتي ويندي. ڪچي جي علائقي کي پرامن بڻايوويندو ۽ ڌاڙيلن جو خاتمو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.