جڙانوالا واقعي سان پاڪستان بدنام ٿيو: جماعت اسلامي

لاهور (پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ  لاءِ (اڄ) خميس تي منصوره ۾ امن ڪانفرنس ٿي رهي آهي. امير جماعت اسلامي سراج الحق ڪانفرنس ۾ اهم خطاب ڪندو ۽ بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ملڪ جي مجموعي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو.قيصر شريف چيو ته جڙانوالا  واقعي سان سڄي دنيا ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي آهي معاشري ۾ عدم برداشت وڌي رهي آهي جماعت اسلامي اقليتن سميت سڄي ملڪ ۾ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي جماعت اسلامي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏيارڻ چاهي ٿي. پاڪستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان کي ان جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.