ٻارن جي صحت لاءِ انهن کي ڄمڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيئارڻ جو مشورو ته هر ڪو ڏيندو رهندو آهي، اها به سڀ ڪنهن کي خبر آهي ته ماءُ جو کير پيئندڙ ٻار پائوڊر وارو کير پيئندڙ ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحتمند هوندا آهن، پر ماهرن جي هڪ تحقيق ۾ اهو به واضح ٿيو آهي ته مائرن طرفان ٻارن کي کير پيئارڻ وارو عمل نه رڳو ٻار جي صحت پر خود ماءُ لاءِ پڻ فائديمند هوندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪي عورتون ٻارن کي پنهنجو کير پيئارينديون آهن اهي ٻين عورتن جي ڀيٽ ۾ دل جي بيمارين کان وڌيڪ محفوظ رهن ٿيون.