هرشا ڀوگلي جي دنيا جي بيٽرن کي پاڪستاني بالرن کان بچڻ جي صلاح

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڪرڪيٽ تجزئي نگار ۽ مشهور ڪامينٽيٽر هرشا ڀوگلي مخالف ٽيمن کي پاڪستاني فاسٽ بالرن کي احتياط سان کيڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پاڪستان جي افغانستان خلاف ڪاميابي تي هرشا ڀوگلي بيان جاري ڪيو آهي.

هرشا ڀوگلي لکيو ته مخالف ٽيمون پاڪستان تيز ترين فاسٽ بالرن شاهين آفريدي، حارث رئوف ۽ نسيم شاهه خلاف کيڏڻ وقت احتياط ڪن.

هن چيو ته پاڪستان جو فاسٽ بالنگ شعبو تبديلين جي باوجود مضبوط آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ ٻي هڪ ڏينهن واري ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، پاڪستان کي ٽن ميچ جي سيريز ۾1-0 جي سرسي حاصل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.