ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور ادار معمر رانا چيو آهي ته بالي جي صف اول جي اداڪارا پريانڪا چوپڙا ميڪ کانسواءِ گھڻي مختلف نظر ايندي آهي.
هن تازي انٽرويو ۾ ميزبان پاران اداڪار کان سوال ڪيو ويو ته ڇا ڪا پاڪستاني اداڪارا اهڙي آهي جيڪا ميڪ اپ کانسواءِ ڀوائتي نظر ايندي هئي؟
جواب ۾ معمر رانا چيو ته نه پاڪستان ۾ ته اهڙي ڪا به اداڪارا ناهي پر ڀارت ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون اداڪارائون آهن جيڪي ميڪ اپ کانسواءِ ڊيڄارينديون آهن.
اداڪار هڪ دلچسپ قصو ٻڌائيندي چيو ته پريانڪا چوپڙا کي جڏهن آئون ميڪ اپ کان بغير ڏٺو ته آئون ڊڄي ويو هيس، مون کي خبر ئي نه پئي ته اها ڪير آهي، آئون ۽ سلمان ويٺا ڳالهائي رهيا هئاسين ته هڪ ڇوڪري آئي ۽ سلمان سان ڳالهائڻ لڳي.
هن چيو ته ان دوران آئون خاموش رهيس، جڏهن ڇوڪري وئي ته آئون سلمان کان پڇا ڪئي ته اها ڪير هئي؟ جواب ۾ سلمان ٻڌايو ته اها پريانڪا چوپڙا هئي.
اداڪار جو چوڻ هوته اهو ٻڌي آئون گھڻو حيران ٿيس، منهنجو جيڪو ڪرش هو اهو ختم ٿي ويو، آئون چيو ته ڀاڙ ۾ وڃو سڀ.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪا اداڪارا اصل ۾ خوبصورت آهي اها اميشا پٽيل آهي، هوءَ دلڪش ۽ حسين اداڪارا آهي هو بلڪل فٽ ۽ ڏسڻ ۾ پياري آهي.