مستقبل ۾ سياسي جماعت بڻائڻ جو ارادو رکان ٿي: ثروت گيلاني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ۽ مادل ثروت گيلاني اداڪاري سان گڏوگڏ سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ جو به عزم ظاهر ڪري ڪري ڇڏيو.

خانگي ٽي وي شو ۾ بيزبان پاران اداڪارا ثروت گيلاني کان سوال ڪيو ويو ته اوهان مستقبل ۾ سياست جي ميدان ۾ قدم رکڻ جو ارادو رکو ٿيون؟ جنهن تي اداڪارا چيو ته مون کي اڄ تائين گھڻين سياسي جماعتن کان آڇون ٿيو پر آئون ڪنهن ۾ به شموليت اختيار نه ڪئي.

هن چيو ته ها پر مستقبل ۾ پنهنجي سياسي جماعت بڻائڻ جو ارادو ضرور رکان ٿي. ايترو ئي نه منهنجي جماعت جو منشور سڄي ملڪ ۾ مفت تعليم ڪرڻ هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.