ورلڊ ڪپ وارم اَپ ميچن جو شيڊيول جاري

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ورلڊ ڪپ لاءِ وارم اَپ ميچن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب وارم اَپ ميچن جي شروعات 29 سپٽيمبر کان ٿيندي، ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪُل ڏهه وارم اَپ ميچون کيڏيون وينديون.

شيڊيول موجب، پاڪستان ٽيم ٻه پريڪٽس ميچون کيڏندي، پاڪستان ٽيم پهرين ميچ نيوزيلينڊ خلاف 29 سپٽيمبر تي حيدرآباد دکن ۾ کيڏندي.

پاڪستان ٽيم جي ٻي وارم اَپ ميچ ٽي آڪٽوبر تي آسٽريليا خلاف حيدرآباد دکن ۾ ئي شيڊيول آهي.

آءِ سي سي شيڊيول موجب، پهرين وارم اَپ ميچ ۾ بنگلاديش ۽ سريلنڪا جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون جڏهن ته 29 سپٽيمبر تي ئي ڏکڻ آفريڪا ۽ افغانستان وچ ۾ وارم اَپ ميچ کيڏي ويندي.

30 سپٽيمبر تي ڀارت ۽ انگلينڊ جون ٽيمون گوهاٽي ۾ هڪٻئي سان مهاڏو اٽڪائينديون، جڏهن ته ساڳي ئي ڏينهن آسٽريليا ۽ نيڌرلينڊز جي ٽيمن ۾ ميچ شيڊيول آهي.

انگلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ ميچ ٻه آڪٽوبر تي کيڏي ويندي جڏهن ته نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا جون ٽيمون به ٻه آڪٽوبر تي آمهون سامهون ٿينديون.

ٽي آڪٽوبر تي افغانستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ وارم اَپ ميچ کيڏي ويندي، ان ئي ڏينهن ۽ نيڌرلينڊز جي ڀارت سان ميچ رٿيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.