همراهه قبرستان آيو ۽ نوٽن جي ڍير کي باهه ڏئي هليو ويو، عجيب واقعو

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) گوجرانوالا ۾ اڻڄاتل شخص 500، هزار ۽ 5 هزار نوٽن جي ڍير کي قبرستان ۾ باهه ڏئي ڇڏي.
گوجرانوالا جي علائقي گکڙي منڊي ۾ هڪ قبرستان ۾ سڙيل نوٽن سان ڀريل ٿيلهو هٿ آيو، پوليس موجب اڻڄاتل شخص 500، هزار ۽ 5 هزار جي نوٽن جي ڍير کي باهه ڏني ۽ ٿيلهي ۾ وجهي اتي ئي ڇڏي پاڻ فرار ٿي ويو.
پوليس سڙيل نوٽن سان ڀريل ٿيلهو پنهنجي تحويل ۾ وٺي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.