ورلڊ بلائنڊ گيمز: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ پهچي وئي

لنڊن( ويب ڊيسڪ ) برطانيا جي شهربرمنگهم ۾ جاري ورلڊ بلائينڊ گيمز ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ پاڪستان جي لڳاتار ٽين فتح، پول اسٽيج ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري پاڪستان سڌي ريت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا بلائنڊ ٽيم کي ٽين ميچ ۾ ڇهن وڪيٽ تان شڪست ڏئي پول ميچز ۾ لڳاتار ٽين فتح حاصل ڪئي.
پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽريليا جي بلائينڊ ٽيم پاڪستان کي 108 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، آسٽريليا جي ايم ڪيمرون 41 ۽ مِڪ ڪارٿي 19 رنسون ٺاهيون جڏهن ته پاڪستان جي مطيع الله، فخر عباس ۽ اسرار 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
پاڪستان بلائنڊ جي رادنيگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪندي 15 هين اوور ۾ گهربل هدف حاصل ڪري ورتو، پاڪستان جي محسن خان 37 رنسون ٺاهيون جڏهن ته مطيع الله 23 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.
ورلڊ بلائنڊ گيمز ۾ ڪرڪيٽ جي مقابلن ۾ پاڪستان سڀاڻي پنهنجي آخري گروپ ميچ ۾ انگلينڊ سان مهاڏو اٽڪائيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.