اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو وڏو ٽپو، انٽر بئنڪ ۾ به نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته انٽر بئنڪ ۾ به هڪ ڀيرو ٻيهر نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.

ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن به ڊالر جو قدر وڌڻ جو سلسلو جاري رهيو، ان دوران اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر اوچتو 6 رپيا وڌي 312 رپين تي بند ٿيو.

هوڏانهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر گهٽ وڌ ٿيندو رهيو پر پڄاڻي تي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ مجموعي طور 63 پئسا وڌيو، جنهن سان ڊالر 299 رپيا 63 پئسا جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.