دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏينداسين.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منزه ڀرسان شيروانگي جو دورو ڪيو، شيروانگي ۾ گذريل ڏينهن 6 سپاهين دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهادت ماڻي هئي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته آرمي چيف کي موجوده انٽيليجنس ۽ دهشتگردي روڪ ڪارروائين تي بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته کيس موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي به بريف ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف علائقي ۾ مقرر آفيسرن ۽ فوجين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي عزم کي ساراهيو.
ان موقعي تي آرمي چيف چيو ته شهيد اسان جو فخر آهن، پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون ۽ پاڪستان ۾ مڪمل امن ۽ استحڪام واپس ايندو.
هن چيو ته دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ اڪسائيندڙن کي نه ڇڏيو ويندو، انهن کي رياست اڳيان سرينڊر ڪرڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.