وارهه (ويب ڊيسڪ) وارهه جي وارث ڪالوني واسڻ 13 ورهين جي نينگري نازيا چنا سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
وارهه ٿاڻي تي متاثر نينگريءَ جي پيءَ اختيار چني جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو، جوابدارن ۾ وزير ڇٽو، عيسيٰ کرل، خادم ڇٽو ۽ ٻه اڻڄاتل شامل آهن.
واضح رهي ته ٻه وزير ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل اڳ ئي گرفتار ٿي چڪا آهن، ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس پاران ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.
You might also like