لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جناح هائوس حملي ڪيس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل (ڊي آءِ جي) پوليس انويسٽيگيشن طرفان عدالت ۾ داخل درخواست ۾ جاچ لاءِ تحريڪ انصاف چيئرمين جي گرفتاري جي اجازت گهري وئي هئي.
درخواست تي ٻڌڻي کانپوءِ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
واضح رهي ته عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ ٻڌايل 3 سال سزا تحت اٽڪ جيل ۾ قيد آهي.
You might also like