ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ناليواري اداڪارا ۽ مادل راکي ساونگ پنهنجي اڳوڻي مڙس تي الزام هنيو آهي ته عادل دراني سندس غير اخلاقي وڊيوز پيسن عيوض دبئي ۾ وڪرو ڪيون.
پريس ڪانفرنس دوران راکي ساونگ عادل تي سنگين نوعيت جا الزام لڳائيندي چيو ته آئون باٿ روم ۾ هيس ۽ عادل منهنجون وڊيوز بڻائيندو رهيو، هن وٽ اهڙيون ڪيتريون ئي اگهاڙيون وڊيوز آهن جنهن تي آئون خاموش هيس.
اداڪارا چيو ته جيڪڏهن اهي وڊيوز وائرل ٿي ويون ته آئون ڇا ڪنديس، زهر کائي ڇڏيان؟ آپگهات ڪري ڇڏيان؟ آئون ڪيڏانهن وڃان؟ آئون دنيا کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس؟ ڪهڙي معاشري ۾ رهنديس؟ آئون عام ڇوڪري ناهيان ڀارت جي سيلبرٽي آهيان، هڪ برانڊ آهيان.