مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ وڏي لاٿ سامهون اچي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1900 رپيا لاٿ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 32 هزار 600 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام سون 1629 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 417 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 3 ڊالر واڌ سان 1904 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.