ميڪسيڪو: ٽرالر ۽ بس ۾ ٽڪر، 16 ڄڻا فوت، 30 زخمي

ميڪسيڪو سٽي (ويب ڊيسڪ) ميڪسيڪو جي اوڪساڪا هاءِ وي تي بس حادثي جي نتيجي ۾ 16ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب اتر آمريڪا جي ملڪ ميڪسيڪو جي اوڪساڪا هاءِ وي تي بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي ويا جڏهن ته هاءِ وي تي ٽريفڪ جي رواني به متاثر ٿي وئي.

اختيارين بس حادثي ۾ فوتين جو انگ 16 ٻڌايو ويو اهي جن ۾ 8 مرد ۽ 8 عورتون شامل آهن جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن جن کي علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي وڊيو به سامهون آئي آهي جنهن ۾ڏسي سگھجي ٿو ته اڇي رنگ جي بس ڪلٽي لڳي پئي آهي جڏهن ته ريسڪيو ورڪرز ۽ هيوي مشينري روڊ تي مدد لاءِ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.