بٽگرام واقعو، چيف لفٽ جو مالڪ ۽ آپريٽر گرفتار

پشاور (ويب ڊيسڪ) بٽگرام ۾ پيش آيل واقعي تي چيئر لفٽ جي مالڪ ۽ آپريٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب چيئر لفٽ جي مالڪ ۽ آپريٽر کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ چيئر لفٽ ڪنٽرول روم کي به سيل ڪيو ويو آهي.
ڊي آءِ جي هزارا ڊويزن موجب ايف آءِ آر ۾ ڪوتاهي جا 5 قلم شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.