ڪراچي مان ڀارتي جاسوس پاڪستاني سهولتڪار سوڌو گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ زون جي ڊسٽرڪٽ سٽي پوليس ۽ ڳجهي اداري لياري جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ هڪ ڀارتي جاسوس به ٻڌايو ويو آهي.
سڄي ملڪ ۾ جاسوسي ۾ ملوث هڪ ڀارتي جاسوس سميت ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ هڪ پاڪستاني سهولتڪار آهي.
جوابدارن وٽان ٻه ڀارتي پاسپورٽ، هڪ رائونڊز سان گڏ پسٽل، 5 لک ايراني ڪرنسي، جعلي جيولري باڪس، 6 موبائل فونز، هڪ ٽيبليٽ ۽ ٻيا ڪاغذ برآمد ٿيا آهن.
جوابدارن جي سڃاڻپ اکل ديو پٽ مڌو سڌنان جاليکا ۽ ظهور احمد پٽ امام بخش جي نالن سان ٿي آهي.
جوابدارن کي ڪلاڪوٽ ٿاڻي جي حدن مان گرفتار ڪيو ويو، جوابدار اکل ديو ڀارتي جاسوس آهي، جيڪو پاڪستان جي مختلف اهم ۽ ڳجهن هنڌن جي جاسوسي ڪري رهيو هو، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
ٻنهي جوابدارن طرفان وڏن انڪشافن جو امڪان آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ به ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.