ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي آل رائونڊر شاداب خان افغانستان خلاف پهرين ون ڊي ۾ شاندار ڪيچ پڪڙڻ کانپوءِ هڪ ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن تي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر فاطما ثناءَ ردعمل جو اظهار ڪيو.
اڱاري جي ڏينهن پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٿيل پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ قومي ٽيم افغانستان کي 142 رنسن تان شڪست ڏني.
ميچ کٽڻ کانپوءِ شاداب خان ايڪس تي ڪيچ جي وڊيو پوسٽ ڪندي ظاهري طور ڪپتان بابر اعظم جي نالي پيغام جاري ڪندي لکيو ته ” مان اڃا پوڙهو ناهيان ٿيو“ .
Sher kabhi Budha nae hota shady Bhai🙌😎 https://t.co/LLizZjzEcQ
— Fatima Sana🇵🇰 (@imfatimasana) August 22, 2023
شاداب جي ٽوئيٽ تي خيالن جو اظهار ڪندي فاطما ثناءَ چيو ته ”شاڊي( شاداب ) ڀاءَ شينهن ڪڏهن به پوڙهو ناهي ٿيندو“.