ذڪاءَ اشرف کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ وزيرِ اعظم آفيس کي خط

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ وزيرِ اعظم آفيس ڏانهن خط لکيو ويو آهي.

ذريعن موجب، خط بين الصوبائي رابطن واري وزارت اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جي روشني ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ ذڪاءَ اشرف جي مقرري کي سياسي قرار ڏنو ويو آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ذڪاءَ اشرف جي مقرر سياسي مقررين ۾ اچي ٿي.

وزارت طرفان فيڊرل لينڊ ڪمشنر سيد احمد نواز شاهه کي به عهدي تان هٽائڻ لاءِ خط لکيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي مقرريون سياسي بنيادن تي ٿيون.

ياد رهي ته پنج جولاءِ تي وفاقي سرڪار ذڪاءَ اشرف جي سربراهي ۾ پاڪسان ڪرڪيٽ بورڊ جي نئين مئنيجمينٽ ڪميٽي قائم ڪئي هئي، جنهن بعد وفاقي ڪابينا سمري سرڪوليشن ذريعي مئنيجمينٽ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.