لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته زرتاج گل تي ترقياتي منصوبن ۾ ڪميشن وٺڻ جو الزام آهي، اڳوڻي مملڪتي وزير جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي.
اينٽي ڪرپشن طرفان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ اڳوڻي مملڪتي وزير زرتاج گل جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ اينٽي ڪرپشن زرتاج گل جي گرفتاري لاءِ ٽيم ٺاهي آهي.
اينٽي ڪرپشن جو چوڻ آهي ته زرگاج گل ۽ سندس مڙس همايون اخوند خلاف ڪرپشن جي الزامن تي ڪيس داخل آهي.
ٻنهي تي الزام آهي ته هنن مختلف ترقياتي منصوبن ۾ 10 سيڪڙو ڪميشن ورتي، شهري زرتاج گل طرفان اسڪيمن ۾ گهوٻين جي نشاندهي ڪئي هئي.
ترجمان ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن ٽيم زرتاج گل جي گرفتاري لاءِ سندس رهائشگاهه تي ڇاپو هنيو، سندس گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.