ميهڙ ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي وڌندڙ بدامني خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
شهرين ۽ سياسي سماجي ڌرين نياز ٻرڙو، مولانا منظور چانڊيو، ڊاڪٽر عباس مهيسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چوڪ کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري جو راڄ ٿي ويو آهي، پوليس آفيسر ڪا به ڪاروائي ڪرڻ بدران ڏوهارين جا ساٿاري بڻجي ويا آهن
هنن چيو ته واپاري طبقو توڙي عام شهري عدم تحفظ جو شڪار بڻجي ويا آهن، پوليس چوري جون موٽرسائيڪلون ۽ لکين رپيا ڦر ٿيل موٽائڻ جون ڪوڙيون خبرون هلائي پنهنجي جند ڇڏائي ويٺي آهي
مظاهرين الزام هڻندي چيو ته ايس ايس پي دادو ڏوهارين جو ساٿاري بڻيل آهي، ڊي ايس پي ۽ ٿاڻن جا وڏا ننڍا منشي چورن ۽ منشيات فروشن کان منٿيلون اوڳاڙڻ ۾ پورا آهن
علائقي واسين اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ڪرپٽ پوليس عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري شهر ۾ امن امان قائم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
You might also like