قاضي احمد ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ٽيويهين ڏينهن به بک هڙتال قائم ڪري احتجاج جاري رکيو
استادن جي نوڪرين لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن زاهد انڙ، ذوالفقار عباسي، عمران ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽيويهين ڏينهن به بُک هڙتال جاري رکي
ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نٿا ڏنا وڃن جيڪا اسان سان ناانصافي آهي
هنن چيو ته ڄامشوري ضلعي جي چاليهه کان مٿي مارڪن وارن اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن جڏهن ته قاضي احمد ۾ چاليهه کان مٿي مارڪون کڻندڙن کي نوڪريون نه ٿيون ڏنيون وڃن
مظاهرين جو چوڻ هو ته جيستائين آفر آرڊر ڏئي انصاف نه ڪيو ويندو تيستائين احتجاجن جو سلسلو جاري رهندو
You might also like